حليم عادل شيخ نانگ کانپوءِ اڃا ٻيا ڊراما به ڪندو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته حليم عادل شيخ نانگ کانپوءِ اڃا ٻيا ڊراما به ڪندو، حليم عادل شيخ جي حرڪتن جي ڪري ملير مان پي ٽي آءِ جو خاتمو ٿي ويو آهي، هو جنهن به پارٽي ۾ ويندو آهي، ان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندو آهي، حليم عادل ملير جي ننڍي چونڊ ۾ ٽڪيٽ پنهنجي ميرپور خاص واسي دوست کي ڏياري، ملير جي جمهوريت پسند عوام حليم عادل شيخ کان استعيفا جو مطالبو ڪري کيس اوقات ياد ڏياري ڇڏي آهي . حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ هٿ اچڻ واري معاملي تي رد عمل ظاهر ڪندي سيد ناصر شاهه چيو ته حليم عادل شيخ نانگ کانپوءِ اڃا ٻيا ڊراما به ڪندو. ناصر شاهه چيو ته ، حليم عادل شيخ جي حرڪتن جي ڪري ملير مان پي ٽي آءِ جو خاتمو ٿي ويو آهي، هو جنهن به پارٽي ۾ ويندو آهي، ان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندو آهي. ناصر شاهه چيو ته حليم عادل ملير جي ننڍي چونڊ ۾ ٽڪيٽ پنهنجي ميرپور خاص واسي دوست کي ڏياري، ملير جي جمهوريت پسند عوام حليم عادل شيخ کان استعيفا جو مطالبو ڪري کيس اوقات ياد ڏياري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔