سينيٽ کي قائم ڪرڻ جو مقصد متناسب نمائندگي ڏيڻ آهي: رضا رباني

اسلام آباد: سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته سينيٽ کي قائم ڪرڻ جو مقصد متناسب نمائندگي ڏيڻ آهي، ننڍين پارٽين کي به سينيٽ ۾ نمائندگي ملندي آهي، سياسي پارٽين جي متناسب نمائندگي قانون سازن جي ذهن ۾ هئي. سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ واري صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته ننڍين پارٽين کي ٽرانسفر ايبل ووٽ جو حق ڏنو ويو، ننڍين پارٽين جن جون 4 صوبائي سيٽون ھونديون انھن کي به سينيٽ ۾ سيٽ ملندي آھي،سينيٽ جي جوڙجڪ جو بنيادي مقصد فيڊريشن آهي. هن چيو ته عام طور سمجھيو ويندو آھي ته پارليامينٽ جوميمبر سٺو وڪيل نه ھوندو آھي،چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اھڙي ڳالھه ناھي اوھان سٺا وڪيل آھيو. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو ته صدر آرٽيڪل 186 تحت سوال پڇيا آھن، عدالت ڪيس کي آرٽيڪل 184 (3) تحت ٻڌي رھي آھي. هن چيو ته مان 10 نقطن تي دليل ڏيندس، جنھن جي شروعات جسٽس اعجاز الاحسن جي سوالن کان ڪندس. رضا رباني چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته متناسب نمائندگي نه ملي ته نظام جام ٿي ويندو،سينيٽ جو مقصد ٻوسٽ جو ماحول ختم ڪري صوبن کي پوري نمائندگي ڏيڻ آھي. پ پ سينيٽر چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي 14 نقطن ۾ به فيڊريشن اهم نقطو هو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ضروري ناهي ته سنگل ٽرانسفر ايبل ووٽ حڪمران جماعت جي خلاف وڃي،اتحادي پارٽين جي پنهنجي طاقت ٿي سگهي ٿي، هر سياسي پارٽي جي عددي تعداد مطابق سينيٽ ۾ نمائندگي ٿيڻ گهرجي. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته ووٽ سيڪريٽ رکڻ جي پٺيان ڪهڙو منطق آهي؟ رضا رباني چيو ته شايد ووٽ ڳجهو انڪري رکيو ويو ته ڪنهن سياسي پارٽي جو تناسب نه اچي سگهي. چيف جسٽس معلوم ڪيو ته ڪنهن جا ٻه ميمبر هجن، ڇا اها اتحادي پارٽين سان اتحاد قائم ڪري سگهي ٿي؟ توهان اسان کي متناسب نمائندگي بابت ٻڌايو،رضا رباني چيو ته اسان کي آئين سازن جي دماغ کي سمجهڻو پوندو،جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته متناسب نمائندگي جو لفظ آرٽيڪل 59 ۽ 51 ۾ موجود آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔