ڪراچي ۾ برساتي نالن تي قبضن خلاف آپريشن، گجر نالي تان ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ

ڪراچي: ڪراچي ۾ برساتي نالن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، گجر نالي تي قائم ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڪراچي مان برساتي نالن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. گجر نالي تان قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن دوران ڪيترائي پڪا گهر، دڪان ۽ ٻيون حددخليون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن، رهواسين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔