سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدار جي پوليس مقابلي ڪيس ۾ ٻڌايل موت جي سزا تبديل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل جوابدار جي سزا معطل ڪري ڪيس جي شاهد جو ٻيهر بيان وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس مقابلي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ پاران موت جي سزا ٻڌايل جوابدار سمير جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي شاهد جو بيان ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ۾ چيو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي. واضح رهي ته ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس مقابلي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔