ڪراچي جي ايس آءِ يو سينٽر ۾ حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ نڪري آيو

ڪراچي: ڪراچي جي ايس آءِ يو سينٽر ۾ قيد پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ نڪري آيو، جنهن کي هن پاڻ ماري ڇڏيو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي سي آءِ اي کي واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ملير ۾ ننڍي چونڊ دوران پولنگ استيشن تي حملي ، هٿيارن جي نماءَ ۽ بين ڪيسن ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڪمري مان صبح سوير مبينا طور نانگ نڪتو. حليم عادل شيخ جي ترجمان موجب حليم عادل شيخ ڪاريهر نانگ کي ماري ڇڏيو. ترجمان چيو ته حليم عادل شيخ کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي . هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي سي آءِ اي کي فون ڪري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔