ڏهين قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ ۽ وفاق ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

اسلام آباد: ڏهين قومي مالياتي ڪميشن جي پهرئين اجلاس ۾ فنڊز جي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق جا اختلاف سامهون اچي ويا.

خزاني جي وزير حفيظ شيخ جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي حصي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ فاٽا جي لاءِ اضافي فنڊز جي ڪتوتي واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف وقاقي وزير حفيظ شيخ مراد علي شاهه کي ايندڙ اجلاس تائين سوچڻ جو مشورو ڏنو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ڏهين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ چئن صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔