حيدرآباد سول اسپتال انتظاميا دادو ۾ وحشت جو شڪار ٻارڙيءَ کي ڊسچارج ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

حيدرآباد: حيدرآباد جي سول اسپتال انتظاميا دادو ۾ وحشت جو شڪار معصوم ٻارڙيءَ کي ڊسچارج ڪري ڇڏيو، ٻارڙيءَ جي وارثن طرفان اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج، متاثر ٻارڙيءَ جي چاچي عبدالحڪيم شاهاڻي چيو آهي ته اسپتال انتظاميا ناروا سلوڪ رکيو، ٻارڙيءَ جو مناسب علاج ڪرڻ بدران کيس ڊسچارج ڪري ڇڏيو، سول اسپتال جي ايم ايس صديق پهوڙ جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊاڪٽر طرفان ٻارڙيءَ جي حالت بهتر قرار ڏيڻ بعد کيس ڊسچارج ڪيو آهي، ٻارڙيءَ کي رڳو علاج لاءِ اسپتال آندو ويو هو، زيادتي واقعي بابت دادو اسپتال جي رپورٽ سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، زيادتي جي حوالي سان ٻارڙيءَ جا جُزا دادو اسپتال ۾ ورتا ويا هئا، حيدرآباد اسپتال انتظاميا طرفان متاثر ٻارڙيءَ کي وڌيڪ اسپتال ۾ رکڻ کان انڪار ڪيو ويو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔