اسلام آباد ۾ نواز ليگ سينيٽر مشاهد الله خان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ نواز ليگ سينيٽر مشاهد الله خان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سينيئر سياستدانن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، مريم نواز به نواز ليگ سينيٽر جي پونيئرن سان تعزيت لاءِ سندس گهر موجود، مشاهد الله خان ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو هو، مشاهد الله خان اسلاميه هاءِ اسڪول راولپنڊي ۾ ابتدائي تعليم پِرائِي ۽ اردو لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، مشاهد الله خان ساهه جي آخري گهڙي تائين نواز ليگ سان سلهاڙيل رهيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،آصف زرداري، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا، نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير، پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين سياسي اڳواڻن طرفان به سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيوويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔