افسوس پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ميثاق جمهوريت معاهدي کان ڦري ويون: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون کليل ووٽ ذريعي ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ ڳجهي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، افسوس پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ميثاق جمهوريت معاهدي کان ڦري ويون. ان موقعي تي اٽارني جنرل چيو ته نااهلي جي سزا ووٽن جي خريد ۽ وڪري تي ٿي سگهي ٿي پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ تي نه. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلطان طالب الدين دليل ڏيندي چيو ته هارس ٽريڊنگ بابت سڀني ٻڌو آهي، شاهدي ڪابه ناهي، عدالت کي سياسي سوالن کان پري رهڻ گهرجي، ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين هڪ سياسي دستاويز آهي، آئيني تشريح ڪرڻ وقت عدالت سياسي ڪم ئي ڪري رهي هوندي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اوپن بيلٽ وسيلي هارس ٽريڊنگ ختم ٿيڻ جو ڪو ثبوت ناهي، آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ ترميم ڪرڻ کانسواءِ وفاقي حڪومت جي خواهش پوري نٿي ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالت پاڻ کي سياست کان مٿانهون رکي، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ڏئي. ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔