شـاعـر، ڊرامـانويـس، اداڪار ۽ مصور پروفيسر عاشق عارباڻي وفات ڪري ويو

ڪوٽڙي: شـاعـر، ڊرامـانويـس، اداڪار، صداڪار، مصور ۽ مشهور فوٽوگرافر پروفيسر عاشق عارباڻي وفات ڪري ويو.عاشق عارباڻي 77 سالن جي ڄمار ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو.سندس مڙھ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي هائوسنگ سوسائٽي واري سندس گهر آندو ويو.سندس جنازي نمازي سڀاڻي جمع جي نماز کان پوء ادا ڪئي ويندي. سندس تدفين يونيورسٽي ورڪشاپ واري قبرستان ۾ ٿيندي.عاشق عارباڻي 17 اپريل 1943ع ۾ دادو شهر ۾ جنم ورتو. عاشق عارباڻي 1973 ۾ پي. ٽي وي تي ڪئمرامين جي حيثيت سان فني سفر جي شروعات ڪئي. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري سان گڏ گيت پڻ ڳاتا.پي ٽي وي تي سندس مشهور پروگرامن ۾ نئين ٽهي، رس چس، چهچٽو، کٽڻهار ۽ ٻيا شامل آهن.تماشو’ ۽ ‘چهچٽو’ سميت ڪيترائي مزاحيه ڊرامن ۾ هن مزاحيا لطيفا پڻ لکيا. سندس آواز ۾ هڪ ڪلام ‘هاءِ زمانا’ تمام گهڻو مشهور ٿيو.1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽ شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پروفيسر جي حيثيت ۾ 2003ع ۾ رٽائر ٿيو.عاشق عارباڻي سنڌي توڙي اردوءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ‘پيچرا ۽ پنڌ’‘ چشم نم’ ‘گهايل شايع ٿي چڪا آهن، عاشق عارباڻي فوٽو گرافي جي شوص ۾ روس، چين، هانگ ڪانگ، ٿائيلينڊ، يورپ، جرمني، فرانس، انگلنڊ، ايران، سنگاپور، سريلنڪا ۽ شام سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پنهنجي خرچ تي سياحت ڪري چڪو آهي. 2016ع ۾ کيس سنڌ حڪومت پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڏنو ويو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي، ڄام شوري ۾ رهائش پذير هئو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔