سياسي پارٽيز جون سينيٽ ۾ سيٽون صوبائي اسيمبلي جي سيٽن موجب هجڻ گهرجن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سياسي پارٽيز جون سينيٽ ۾ سيٽون صوبائي اسيمبلي جي سيٽن موجب هجڻ گهرجن، ڪنهن به پارٽي کي گهٽ سيٽون مليون ته ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندي: سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن جا ريمارڪس، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جَي نمائندي چيو ته سينيٽ ۾ 20 کان وڌيڪ آزاد اميدوار به هوندا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سينيٽ چونڊون ڀلي ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿين پر سياسي پارٽيز کي سيٽس پوريون ملڻ گهرجن، اٽارني جنرل چيو ته بي ايماني سدائين ايمانداري سان ٿيندي آهي، اڄ به ڪجهه ماڻهو نوٽن جا بيگ ڀري گهمي رهيا آهن، چيف جسٽس، چيف اليڪشن ڪمشنر سان مخاطب ٿيندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر صاحب!،ا وهان اطمينان جوڳو جواب نه ڏئي سگهيا آهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔