اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کي هاڻي کان ئي تڪراري بڻائي ڇڏيو: پي ڊِي ايم

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کي هاڻي کان ئي تڪراري بڻائي ڇڏيو، چونڊن لاءِ عدليه سوڌو ٻين کان سهارو ورتو پيو وڃي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول ۾ واڌ واري پ پ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو،

هاڻي وري پي ٽي آءِ جي ميمبرز کي تياري لاءِ مهلت ڏني وئي آهي، منهنجا ڪورنگ اُميدوار وقت سر اليڪشن آفيس نه پهچن ها ته نامزدگي ڪاغذ رد ٿي وڃن ها، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ واري وڊيو ۾ پئسا ڏيندڙ ۽ پئسا وٺندڙ پي ٽي  آءِ جا ماڻهو ئي آهن،

آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه آهي، چور دروازي سان آئيني ترميم جي ڪوشش ٿي ته پي ڊي ايم ڀرپور مخالفت ڪندي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ اسلام آباد ۾ يوسف رضا گيلاني کي اُميدوار بڻائڻ تي حڪومت جا پگهر نڪري ويا، حڪمران خوف ۾ ننڍيون وڏيون چالاڪيون ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔