ڇا حليم عادل شيخ کي مون چيو هو ته ملير ۾ جديد هٿيار کڻي وڃي؟ ه: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: ڇا حليم عادل شيخ کي مون چيو هو ته ملير ۾ جديد هٿيار کڻي وڃي؟ هڪ ماڻهو هٿيار کڻي وڃي ۽ فائرنگ ڪرائي ته ڇا قانون خاموش ويهندو؟ وڏي وزير مراد علي شاهه، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي الزامن تي جواب ڏيندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ خلاف پوليس قانون موجب ڪارروائي ڪري رهي آهي، مون پوليس کي گرفتارين جو ڪوبه حڪم ناهي ڏنو، ائين ناهي ته پ پ يا پي ٽي آءِ جو ماڻهو قانون کان مٿي هجي، اسيمبلي ميمبرز به اهڙو ڪم ڪندا ته سندن خلاف ايڪشن ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔