اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد جِي سربراهيءَ ۾ 5 رُڪني بئنچ طرفان صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن جا نمائندا پيش، اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪرپٽ پريڪٽس روڪڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت طرفان جيڪي سوال پُڇيا ويا هئا، اليڪشن ڪميشن انهن جو جواب نه ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔