رياست ماءُ جيان هوندي آهي، سندس فرض آهي ته لاپتا شهرين جي وارثن کي ٻڌائي ته سندن پيارا ڪٿي آهن: مريم نواز

اسلام آباد : بلوچستان ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي وارثن طرفان اسلام آباد ۾ احتجاج جاري آهي ، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز لاپتا شهرين جي وارثن طرفان قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي پهچي وئي، مريم نواز لاپتا شهرين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي، لاپتا سهرين جي وارثن طرفان مريم نواز کي پنهنجن پيارن سان پيش آيل واقعن بابت آگاهي، مريم نواز چيو آهي ته لاپتا شهرين جا وارث پنهنجي پيارن لاءِ دربدر آهن، رياست ماءُ جيان هوندي آهي، رياست جو فرض آهي ته لاپتا شهرين جي وارثن کي ٻڌائي ته سندن پيارا ڪٿي آهن، حڪمرانن جي هٿ ۾ ڪجهه ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ لاپتا شهرين جي وارثن جي سِر تي هٿ رکي دلاسو ته ڏئي سگهن ٿا، مظلومن جو ڪوبه صوبو نه هوندو آهي، مظلوم کي مظلوم ئي سمجهيو وڃي، سندن ڦٽن تي پها رکڻ بدران لوڻ نه ٻرڪيو وڃي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ايجنسيز کي گذارش آهي ته خدا جي واسطي لاپتا شهرين جي وارثن جا مسئلا حل ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔