پي ٽي آءِ پاران فيصل واوڊا بابت ڪارڪنن جا اعتراض رد، سينيٽ ٽڪيٽ برقرار

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي پارلياماني بورڊ فيصل واوڊا بابت ڪارڪنن جي اعتراضن کي رد ڪندي وفاقي وزير کي ڏنل سينيٽ ٽڪيٽ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن ۾ سينيٽ جي ٽڪيٽن تي نظرثاني ڪئي وئي،اجلاس ۾ ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ ميمبرن تي اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.پارلياماني بورڊ فيصل واوڊا کي ڏنل ٽڪيٽ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن مطابق وزير اعظم جو چوڻ آهي ته فيصل واوڊا جي پارٽي لاءِ خدمتون آهن.وزيراعظم سنڌ جي تنظيم کي اڄ شام ويڊيو لنڪ تي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو .پارلياماني بورڊ ڪي پي مان لياقت ترڪئي کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔