چيف اليڪشن ڪمشنر پاران بيليٽ پيپرز جي سڃاڻپ ڪرڻ جي مخالفت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ اوپن بيليٽ بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر بيليٽ پيپرز جي سڃاڻپ ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي،چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ٻڌائي نٿا سگهون ته ووٽ ڪنهن وڌا،بيليٽ پيپر تي سيريل نمبر نه هجڻ گهرجي،سيريل نمبر وجهڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي،اليڪشن ڪميشن پنهنجن آئيني ذميدارين کان واقف آهي،چونڊن ۾ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جو طريقئڪار ايڪٽ ۾ موجود آهي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قائم لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊ عمل دوران ڪرپشن کي هر حال ۾ روڪڻو پوندو،توهان اسان جو ڪالهوڪو حڪم سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي،توهان کي خبر ناهي ته ملڪ ۾ اليڪشن ڪيئن ٿيندي آهي.چيف جسٽس چيو ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٺاهڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو،توهان معمولي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو،توهان هينئر تائين عدالت جي سوال جو جواب نه ڏنو آهي.سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون.جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ آئين تحت مڪمل بااختيار آهي، ڪرپٽ پريڪٽس کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ۽ دٻاءَ کي روڪڻ به اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي،ڇا ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ کانپوءِ هميشه لاءِ ڳجهو رکي سگهجي ٿو؟جسٽس يحيٰ آفريدي، چيف اليڪشن ڪمشنر کان معلوم ڪيو ته ڇا توهان جا هينئر تائين کنيل قم ڪافي آهن، ڇا انهن قدمن سان ڪرپشن کي روڪي سگهجي ٿو؟چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 2018 کان ويڊيو موجود آهي، ان تي ڪا ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ ڇا اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل مان ڪرپشن ختم ڪرڻ نٿي گهري؟اٽارني جنرل اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊن لاءِ تجويزون ڏئي ڇڏيون،چيف جسٽس زور ڀريو ته هو اٽارني جنرل جي تجويزن جو جائزو وٺي.پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو ته اٽارني جنرل جون تجويزون پي ٽي آءِ جون تصور ٿينديون، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو،وقت گهٽ آهي، قانون ۾ ترميم ڪري نٿي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔