بنون ۾ فائرنگ سبب اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان ۽ پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد

بنون:   بنون ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان ۽ 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

پوليس موجب بنون ۾ ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان جي گاڏي تي فائرنگ ٿي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ 2 پوليس اهڪار شهيد ٿي ويا. شروعاتي رپورٽ موجب واقعي ۾ هڪ شخص به فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته حملي آور زخمي اهلڪارن کان هٿيار به ڦر ڪري کڻي ويا.

حملو ڪندڙن بعد ۾ گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي. اطلاع ملڻ تي پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شاهديون جمع ڪري لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. فائرنگ جو واقعو بنون ۾ ميرانشاهه روڊ تي فلورملز جي ڀرسان پيش آيو جتي هٿياربندن اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان جي گاڏي تي اوچتو فائرنگ ڪئي.

ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي بنون ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

سهيل آفريدي پنهنجي بيان ۾ چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ملڪ دشمن عناصر اهڙن بزدلانه حملن سان اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن. شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون واقعي ۾ ملوث عناصرن کي تمام جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وڌيڪ مضبوط ارادن سان جاري رهندي.

 

تبصرے بند ہیں۔