پي ٽي آءِ پاران يوسف رضا گيلاني جا نامزدگي ڪاغذ چيلينج

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي جي ڪاغذن کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي فريد رحمان ، يوسف رضا گيلاني تي حقيقتون لڪائڻ جو الزام لڳائيندي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني توهين عدالت ڪيس ۾ سزا کاڌل هجڻ جو ذڪر نه ڪيو.درخواست مطابق يوسف رضا گيلاني آرٽيڪل 62 جي معيار تي پورو نٿو لهي، هو سٺي شهرت نٿو رکي .درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيپلز پارٽي جي اميدوار جا نامزدگي جا ڪاغذ رد ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔