اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عدالتي احاطي ۾ وڪيلن جا چيمبر ڪيرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حد دخلين ۽ غير قانوني اڏاوتن خلاف وڏو فيصلو اچي ويو ،عدالت اسلام آباد سيشن ڪورٽس مان سموريون غير قانوني اڏاوتون ۽ وڪيلن جا چيمبرز ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ايف ايٽ جي رهواسڻ شهناز بٽ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي حڪم ڏنو ته عوامي هنڌن ۽ فوٽ بال گرائونڊ تان سمورا غير قانوني چيمبر ۽ اڏاوتون ڪيرايون وڃن.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اسلام آباد بار پاران فوٽ بال گرائونڊ تي چيمبر جي تعمير غير آئيني آهي، جيڪڏهن وڪيل فوٽ بال گرائونڊ خالي نٿا ڪن ته وفاقي حڪومت ۽ سي ڊي اي 23 مارچ تائين گرائونڊ خالي ڪرائين ۽ گرائونڊ ۾ قائد اعظم کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ شاگردن جي مئچ ڪرائي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔