پارليمنٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد: : صدر سڀاڻي (اڱاري) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب، اجلاس ۾ صحافين ۽ ميڊيا جي ڪمن جي تحفظ لاءِ هڪ بل پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه، اقليتي حقن جي ڪميشن ۽ پاڪستان جانورن جي ڪائونسل لاءِ بل پڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 9 مهينن کان پوءِ ٿيندو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پڻ خطاب ڪندا. موجوده حالتن ۾ هن اجلاس کي اهم قرار ڏنو پيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔