حليم عادل اليڪشن تي اثرانداز ٿيو ۽ ووٽرز کي حراسان ڪيو: شيري رحمان

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ شيري رحمان ملير جي تڪ پي ايس 88 جي ننڍي چونڊ تي پي ٽي آءِ پاران پولنگ ۽ تڪ ۾ هٿيارن جي نمائش ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو هٿياربندن سان گڏ پولنگ اسٽيشن جو دورو مذمت جوڳو آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن عليم عادل شيخ پاران هٿيارن جي نمائش جو نوٽيس وٺي.هن چيو ته هو اليڪشن تي اثرانداز ٿيو آهي، مخالف ڌر جو اڳواڻ ووٽرز کي هراسان ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔