چوري، ڪرپشن ۽ ڌاڙا اڍائي سالن کان جاري آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته چوري ، ڪرپشن ۽ ڌاڙا اڍائي سالن کان جاري آهن،ڊيلي ميل جي حوالي سان هڪ ٻئي شخصيت وائکي ٿي وئي،ڪجهه ماڻهو عمران خان لاءِ ڪرپشن گڏ ڪرڻ لاءِ قوم تي مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ وائيٽ ڪالر بدمعاش حڪمراني ڪري رهيا آهن.هن چيو ته شهرين کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، شهزاد اڪبر کي ڪميشن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.ن ليگ ترجمان چيو ته عمران خان جي حڪم تي شهزاد اڪبر براڊ شيٽ جي سربراهه ڪاوي موسوي سان ملاقات ڪئي…هن سوال ڪيو ته نيب جو چيئرمين ڪٿي لڪل آهي؟ جتان پيسن جو آواز اچي ٿو ،نيب وارا پهچي وڃن ٿا.مريم اورنگزيب مطالبو ڪيو ته شهزاد اڪبر جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،حڪومت سمورا ڪرپشن خور رکيا آهن.هن چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ هي پئسا ڏيندي ۽ وٺندي پڪڙيا وڃن ٿا،هي اصل ۾ ڪميشن وٺڻ جو کيڏ آهي.ڪميشن خورن جا چهرا عوام جي اڳيان وائکا ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته شهزاد اڪبر ڌاڙي جو اعتراف ڪري ورتو آهي، هاڻ انهن جي پنهنجي پارٽي ۾ چورن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جا انڪشاف ٿي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔