پهريون ڀيرو ٻارن ۾ به ڪورونا ويڪسين جي ٽرائل شروع

لنڊن: دنيا ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جي مهم زور شور سان جاري آهي. پر ٽرائل نه ٿيڻ سبب اڃان تائين 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ هنيئر تائين ڪورونا ويڪسين جو استعمال نه پيو ڪيو وڃي پر هاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ٻارن ۾ به ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ آسٽرازينيڪا جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي ٻارن ۾ آزمائشي استعمال شروع ڪئي وئي آهي. پهرين مرحلي ۾ 6 کان 17 سالن جي 300 رضاڪارن کي ويڪسين لڳائي ويندي. ٻارن ۾ ڪورونا ويڪسين جي ٽرائل جي حوالي سان ماهرين جو چوڻ آهي ته ٻار خاص طور تي نئين ڪورونا وائرس مان محفوظ رهندا آهن پر ٻارن ۾ ڪورونا ويڪسين جي اثرن جو جائزو وٺڻ به ضروري آهي.هينئر تائين دنيا ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي سميت 6 کان وڌيڪ ڪورونا ويڪسين لڳائي پئي وڃي پر ڪنهن به ڪمپني پنهنجي ويڪسين کي ٻارن تي ٽرائل نه ڪيو آهي جنهن سبب ڪورونا ويڪسينيشن جي دوران 18 سالن کان ننڍي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين نه پئي لڳائي وڃي.واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ 10 ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 23 لک 48 هزار کان وڌيڪ ماڻهو هن موذي وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔