پيٽروليم شين جي اگهن بابت فيصلو اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد: ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول ڪيترا روپيه مهانگو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان اڄ حتمي فيصلو ڪندو.

آئل اينڊ گيس ريگوليٽر اٿارٽي(اوگرا) طرفان ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ پيٽرول 16 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ڪرڻ جي تجويز پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي آهي.  سمري ۾ ڊيزل 14 روپيه  75 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب  16 فيبروري کان پيٽروليم  شيون  4 کان ساڍا 5 روپيه في ليٽر مهانگي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

اوگرا طرفان اماڻيل سمري ۾ لائٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي تيل جي قيمتن ۾ به اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 14 روپيه 75 پئسا واڌ تجويز ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔