پاڪستان ۾ 65سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ڪورونا وئڪسين لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن جواعلان

اسلام آباد: پاڪستان ۾ 65سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ڪورونا وئڪسين لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن جو اعلان: اين سي او سي جَي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وئڪسين رجسٽريشن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکي 1166 تي ميسج ڪري سگهجي ٿو، برطانيا کان ڪورونا وئڪسين جا 70 لک ڊوز مارچ ۾ ملي ويندا، وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 65 سال کان وڌيڪ عمر وارن کي ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جي لاءِ رجسٽريشن هن هفتي شروع ٿي رهي آهي ۽ عملي جي رجسٽريشن به هن هفتي شروع ٿيندي، وفاقي وزارت صحت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 60 کان وڌيڪ عمر وارن جو انگ 85 لک جي لڳ ڀڳ آهي ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي برطانوي ويڪسين ايسٽرازينيڪا لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔