وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ وارو معاملو: وزيراعظم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي معاملي تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اجلاس اڄ ٻنپهرن جو ٿيندو جنهن ۾ ناڻِي وارو وفاقي وزير حفيظ شيخ وزيراعظم کي ملازمن جي پگهارن ۾ امڪاني واڌ تي بريفنگ ڏيندو. اجلاس ۾ ملازمن سان ڳالهيون ڪندڙ ڪميٽي جا ميمبر به شرڪت ڪندا.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ واري فيصلي جو امڪان آهي. ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو معاملو ڪابينه جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي ملازمن جي پگهان ۾ واڌ جي لاءِ اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻو ڏنو هو ۽ ان دوران ملازمن جي پوليس سان چڪريون به ٿيون.

جنهن کان پوءِ بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير شيخ رشيد ۽ پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان تي ٻڌل حڪومتي ٽيم سرڪاري ملازمن جي اڳواڻن سان ڪامياب ڳالهيون ڪيون ۽ ملازمن پگهارن ۾ واڌ جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔