اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ۾ ملوث وڪيلن کي مثالي سزائون ملڻ گهرجن: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته عدالت تي حملي ۾ ملوث وڪيلن کي مثالي سزائون ملڻ گهرجن.

رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جي حملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري سهيل اڪبر چوڌري عدالت جي سامهون پيش ٿيو ۽ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ  جي استدعا ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اوهان سڀني کي خبر آهي ته هي سڀ ڪنهن ڪيو آهي. ان جي لاءِ ڪنهن ڪميشن جي ضرورت ناهي. جنهن هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪيو ان جي نشاندهي بار ڪري ته جيئن ڪنهن بي گناهه کي حراسان نه ڪري سگهجي.

هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪندڙ سمورا بار جا وڪيل هئا، اڌ کان وڌيڪ کي مان سڃاڻان ٿو جنهن پنج ڪلاڪ ججز کي يرغمال رکيو اهي هن ڪڌي عمل ۾ ڏوهه جا حقدار آهن هي واقعو غلط ٿيو آهي ان ۾ ملوث ماڻهن کي  مثالي سزائون ملڻ گهرجن. چيف جسٽس آف پاڪستان جو به فون آيو هو مون کي چيو ويو ته ڪارروائي جي لاءِ تيار آهيو، پر مون چيف جسٽس پاڪستان کي به ٻڌايو ته ڪوبه ايڪشن کڻي هاءِ ڪورٽ کي  جنگ جو ميدان بنجڻ نه ڏيندس مون چيو ته اوهان اچو ۽ بيشڪ اچي مون کي ماري ڇڏيو پر ايڪشن کڻي ان کي تماشو نه بنائيندس. هڪ سئو ماڻهن جي ايڪٽ سبب بار جي عزت داءُ تي آهي. سمورا  ماڻهو يونيفارم ۾ هئا بار جي به عزت ان ۾ ئي آهي ته انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪري.

چيف جسٽس  اطهر من الله وڪيلن جي ميڊيا سان بدتميزي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيا وارن کي ماريو ويو ۽ ان  جون وڊيوز به ڊيليٽ ڪرايون ويون. هي رويو برداشت  نه ڪيو ويندو اوهان کي خبر آهي ته هو پلاننگ سان آيا هئا ۽ ٻاهر ميڊيا وارن کي تشدد جو نشانو بنايو ۽ وڊيوز ڊيليٽ ڪيون. عدالت اڳ ئي هدايتون جاري ڪري چڪي آهي ته صرف ان وڪيلن جي خلاف ڪارروائي ڪريو جيڪي واقعي ۾ ملوث آهن جن وڪيلن تي صرف شڪ آهي ان جي خلاف ڪارروائي کان روڪيو ويو آهي. چيف جسٽس کي پنج ڪلاڪ تائين  حراست ۾ رکيو ويو پر مون ڪاوڙ نه ڪئي، جي آءِ ٽي رپورٽ ڏني آهي ته وڪيل ۽ بار تعاون ناهن ڪري رهيا.

هن وقت ذميواري بارز جي آهي مون پنهنجي اکين سان بار جي صدر ۽ اوهان جي سيڪريٽري کي بي وس ڏٺو، جيڪڏهن ائين ڪنهن سياسي پارٽي جي ماڻهن ڪيو هجي ها ته رياست ان سان ڇا ڪري ها؟ مون کي جڏهن يرغمال رکيو ويو ته مان ان جي لاءِ به تيار هئس. وڌ کان وڌ ڇا ڪندا ماري ڇڏيندا. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ شير افضل چيوته عدالت سڳوري سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو اسان سڀني کي ڏک آهي. جنهن تي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله چيو ته صرف منهنجو مسئلو ناهي. اٺ ٻين ججن کي به يرغمال رکيو ويو هي اداري جو  معاملو آهي.

وڪيل راجه رضوان عباسي عدالت جي سامهون بيان ڏنو ته اسان سڀ شرمنده آهيون. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪو ڪمپرومائز  نه ٿيندو اگر مگر نه هلندو قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.  جنهن کان پوءِ عدالت هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري سهيل چوڌري کي ملوث جوابدارن جي نشاندهي جي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔