شهپرن باوجود سيف سان محبت ڪئي: ڪرينا ڪپور

ممبئي : بالي ووڊ بيبو گرل ڪرينا ڪپور چيو آهي ته مان شهپرن باوجود سيف علي خان سان محبت ڪئي.
اڄ جتي سڄي دنيا ۾ ويلنٽائن ڊي ملهايو پيو وڃي، اتي ئي شوبز شخصيتون به پنهنجي پيارن سان محبت جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيون آهن.
ان حوالي سان ڀارتي سندري ڪرينا ڪپور به انسٽاگرام تي پنهنجي مڙس سيف علي خان سان گڏ ماضي جي هڪ تصوير جاري ڪئي آهي.
تصوير جي ڪيپشن ۾ اداڪارا مڙس کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته ”شهپرن باوجود مان توهان سان محبت ڪئي آهي، توهان منهنجي لاءِ سدائين جا ويلنٽائن آهيو“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔