کنڊ، اٽي، چانَورن، دالين ۽ ڪوڪنگ آئل سميت 24 شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد: هڪ هفتي دوران مهانگائي ۾ 0.81 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، کنڊ، اٽي، ڪڪڙ جي گوشت، بيضن، چانورن، دالين، گيهه، ڪوڪنگ آئل، ڳاڙهن مرچن ۽ چانورن سميت کائڻ پيئڻ جون 24 شيون مهانگيون ٿيون.
شماريات واري اداري طرفان جاري رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ کنڊ 3 رپيا 37 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي، کنڊ جي في ڪلو قيمت 90 رپيا 22 پيسن کان وڌي 93 رپيا 59 پيسا ٿي وئي.
گيهه جي في ڪلو قيمت 3 رپيا واڌ کان پوءِ 291 رپين 65 پيسن تي پهچي ويو جڏهن ته ڳاڙهن مرچن ۾ 6 رپيا 53 پيسا واڌ ٿي ۽ قيمت 366 رپيا 59 پيسا ٿي وئي.
شماريات واري اداري موجب ڪڪڙ جي گوشت جي في ڪلو قيمت ۾ 11 رپيا 47 پيسا واڌ ريڪارڊ ٿي ۽ ڪڪڙ جو في ڪلو گوشت 225 رپين تائين پهيچ ويو جڏهن ته بيضن جي في درزن قيمت ۾ 6 رپيا 80 پيسا واڌ ٿي. اهڙي طرح 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 24 رپيا مهانگو ٿيو.
انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران چڻن جي دال 2 رپيا، ماش جي دال ڏيڍ رپيو، مڱن جي دال هڪ رپيو مهانگي ٿي. ان کان سواءِ چانور، مسور جي دال، ٻاڪري گوشت، خشڪ کير ۽ وهنجڻ جي صابڻ جا اگهه به وڌيا.
اداري موجب هڪ هفتي دوران 6 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 7 رپيا 50 پيسا گهٽتائي ٿي جڏهن ته ٿوم 2 رپيا 72 پيسا، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 34 رپيا 20 پيسا سستو ٿيو.
هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ ٽماٽي جي في ڪلو قيمت 32 رپيا 75 پيسا، پٽاٽا 37 رپيا 48 پيسا، بصر 38 رپيا 19 پيسا اوسط في ڪلو ٿي ويا.
انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران کير، ڏهي ۽ لوڻ سميت 21 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔