پاڪستان ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز به کٽي ورتي

لاهور : پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پروٽيز مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريقا طرفان ڊيوڊ ملر جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 45 بالن تي 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ زاهد محمود 3، محمد نواز، فهيم اشرف 2-2، جڏهن ته عثمان قادر هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ قومي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 8 بال اڳ ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 44، محمد رضوان 42، حيدر علي 15، حسين طلعت 5، آصف علي 7، فهيم اشرف 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته آخر ۾ محمد نواز ۽ حسن علي تيز بيٽنگ ڪندي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو.
پاڪستان طرفان حسن علي 7 بالن تي 20 رنسون ۽ محمد نواز 11 بالن تي 18 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔