ڀٽ شاهه ۾ اڄ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 340 هون جشن ولادت ملهايو پيو وڃي

ڀٽ شاهه : ڀٽ شاهه ۾ اڄ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 340 هون جشن ولادت  ملهايو پيو وڃي، ڀٽائي  جي درگاهه کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي مک تقريب درگاهه جي احاطي ۾ٿيندي. عظيم صوفي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 340 هو جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جنهن جي مک تقريب ڀٽ شاهه ۾ رٿيل آهي. درگاهه شاهه لطيف جو وقتي سجاده نشين سيد خاور حسين شاھه لطيفي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين سان گڏجي لاکيڻي لطيف جي جنم ڏهاڙي جو ڪيڪ ڪاٽيندو. ٻئي طرف هندوپئنچائت پاران رات جو ريلي ڪڍي لطيف سرڪار جي درگاهه تي پهچي ڪيڪ ڪاٽيو ويندو . وقتي سجادهه نشين جي اڳواڻي ۾ درگاهه تي چادر چاڙهي سنڌ جي امن ۽ خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون وينديون. ٻئي طرف شاهه لطيف جا عقيدتمند درگاهه تي وڏي انگ ۾  پهتل آهن، عظيم شاعر جي  سالگرهه تقريب ملهائڻ تي  پانڌيئڙن پاران خوشي جواظهار ڪيو پيو وڃي. ڪورونا وائرس سبب جشن جون تقريبون محدود ڪيون ويون آهن ۽ تقريب دوران وبا کان بچڻ لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عملدارآمد ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔