ٻيون ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

لاهور: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٻيون ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل اڄ لاهور ۾ کيڏيو ويندو. ٽن ميچن جي سيريز ۾ قومي ٽيم کي هڪ، ٻُڙي جي برتري حاصل آهي.

پهرين ميچ ۾ رضوان شاندار بيٽنگ ڪندي سينچري اسڪور ڪئي. بالنگ ۾ عثمان قادر ۽ حارث رئوف ڪمال ڏيکاريو.

فهيم اشرف به ڀرپور پرفارمنس ڏيکاري. پاڪستان کي پهرين ٽي 20 ۾ 30 رنسن تان سوڀ ماڻي. ٻئين ٽي 20 ۾ پاڪستان جي ٽيم ۾ آصف علي ۽ حسن علي جي واپسي جو امڪان آهي. جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ۾ به هڪ تبديلي جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔