سينيٽ چونڊن جي اُميدوارن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جِي تاريخ ۾ 2 ڏينهن واڌ

ڪراچي/اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن اُميدوارن جَي ڏکيائين بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد سينيٽ چونڊن جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو، سينيٽ چونڊن جي اُميدوارن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جِي تاريخ ۾ 2 ڏينهن واڌ، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اُميدوار 15 فيبروري تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ 17 ۽ 18 فيبروري تي ڪئي ويندي، اُميدوار رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلز 20 فيبروري تائين داخل ڪري سگهندا، ٽربيونلز لاءِ اپيلون اُڪلائڻ جي آخري تاريخ 23 فيبروري مقرر، سينيٽ اُميدوارن جي فهرست 24 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ 25 فيبروري مقرر، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ تبديل نه ڪئي، پولنگ جي تاريخ 3 مارچ برقرار.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔