اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اندر هنگامي واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ بار جو اڳوڻو صدر ملڪ ظفر کوکر گرفتار

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اندر هنگامي واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ بار جو اڳوڻو صدر ملڪ ظفر کوکر گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪ ظفر کوکر هنگامو ڪيس ۾ جوابدار نامزد ٿيل آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به کيس توهين عدالت تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا هئا، اسلام آباد انتظاميا طرفان چئمبرز ڊاهي پٽ ڪرڻ ۽ اڳواڻن جي گرفتارين خلاف وڪيل برادري طرفان احتجاج جو اعلان ڪيو ويو، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار جا وڪيل ايف ايٽ ڪچهري تي گڏ ٿيڻ لڳا، وڪيلن طرفان ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍڻ بعد مظاهرو ڪيو ويندو، اسلام آباد جي وڪيل ڊاهي پٽ ڪيل چئمبرز ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪري وڌيڪ گرفتاريون بند ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔