ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 58 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 58 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 115 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 83 لک 99 هزار 623 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 262 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 61 هزار 625 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 53 هزار 090، پنجاب ۾ هڪ لک 63 هزار 367، خيبرپختونخواهه ۾ 69 هزار 368، اسلام آباد ۾ 42 هزار 513، بلوچستان ۾ 18 هزار 924، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار  408 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 937 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 25 هزار 649 آهي. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 59 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ گڏيل طور تي 12 هزار 276 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 5 هزار 536 مريض صحتياب  ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 23 هزار 700 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔