اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي وڪيلن جي حملي واري معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد : ڪوبه قانون کان مٿي نه آهي، 8 فيبروري وارو واقعو برداشت جوڳو نه آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي وڪيلن جي حملي واري معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي سينيئر آفيسر جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ويندي ۽ جي آءِ ٽي بارز جي صدرن سان رابطو ڪندي، بار وارا پاڻ ئي حملي ۽ هنگامي ۾ ملوث 8-10 ماڻهن جي نشاندهي ڪندا، هاءِ ڪورٽ تي حملي ۾ شڪي ماڻهن بابت بار کان پُڇيو ويندو، بارز جا نمائندا شروع کان ئي جاچ ۾ سهڪار ڪندا ته بيگناهه وڪيلن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا پيش نه ٿيندا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هنگامي ۽ حملي واري ڪيس تي بڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔