راجيو ڪپور جي موت تي زيبا بختيار پاران افسوس جو اظهار

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر راجيو ڪپور جي موت تي اداڪاره زيبا بختيار افسوس جو اظهار ڪيو.
ٻه ڏينهن پهريان بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر راجيو ڪپور دل جو پوڻ سبب فوت ٿي ويو هو، هن جي اوچتي موت تي جتي پوري بالي ووڊ انڊسٽري افسوس ۾ وٺجي وئي اتي اداڪاره زيبا بختيار به راجيو ڪپور جي موت تي پنهنجي غم جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ ڀارتي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي زيبا بختيار چيو ته مونکي ناهي خبر ته آئون هن وقت ڇا چوان مان راجيو ڪپور سان رابطي ۾ هئس، رنڌير ڪپور کان ان جو احوال وٺندي هئس ۽ هن جو پڇندي هئس.
زيبا بختيار وڌيڪ چيو ته راجيو ڪپور سان تمام سٺو وقت گذريو ، هن سان منهنجون يادون خوشگوار وقت، لطف ۽ ٽهڪن واريون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔