کَل سان چنبڙي بيماري جو پتو لڳائيندڙ “طبي اسٽيڪر“ ايجاد

واشنگٽن : آمريڪي سائنسدانن انتهائي سنهڙين ۽ ننڍين سُئين وارو هڪ اهڙو اسٽيڪر ايجاد ڪري ورتو آهي جنهن کي کَل تي چنبڙائي ڪنهن به بيماري جو پتو لڳائي سگھبو.
اهو اسٽيڪر واشگٽن يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي ماهرن ايجاد ڪيو آهي اهو ڊسپوزيبل آهي، يعني هڪ ڀيرو استعمال کان پوءِ ناڪارا ٿي ويندو.
بيماريءَ جو پتو لڳائڻ لاءِ اسٽيڪر کي کل تي رکي ٿورو زور ڏبو جنهن جي ڪري ان جو سنهڙيون سُيون کل ۾ معمولي هيٺ لهي جلد جي سطح کان ٿورو هيٺ لهي هيٺ موجود معدي جو معمولي مقدار پنهنجي اندر جذب ڪري وٺن ٿيون.
اهو جسماني مادو اهڙن مادن سان ڀرپور هوندو جيڪو انساني صحت يا بيماري سان سڌي ريت واسطو رکي ٿو
ان ۾ حياتياتي مرڪب (بايوڪيميڪلز) کان سواءِ ”بايو ماڪرز“ سڏرائيندڙ مادا به شامل آهن جيڪي بيماري ۽ صحت جي مختلف ڪيفيتن جو سڌي ريت پتو لڳائن ٿا.
اسٽڪر جو اندروني نظام انهيءَ مادن جو تجزيو ڪري لاڳاپيل فرد ۾ ڪنهن بيماريءَ جي موجود هجڻ يا نه هجڻ بابت ٻڌائي ٿو.
ان تحقيق جي نگران ۽ مقالي جي مرڪزي ليکڪ، ڊاڪٽر شريڪا سنگمانيني جو چوڻ آهي ته هڪ ننڍي سِڪي جيترو اهو اسٽيڪر ڪنهن به موجوده بايو مارڪر ٽيسٽ جي ڀيٽ ۾ 800 ڀيرا وڌيڪ حساس هجڻ کان سواءِ انتهائي سادو، محفوظ، سولو ۽ گھٽ خرچ به آهي.
اهو اسٽيڪر خاص طور تي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ بيمارين جي سڃاڻپ ۾ استعمال ڪري سگھبو جتي نه ته ڪا جديد تجربيگاهه موجود آهي ۽ نه ئي اتي رهندڙ مهانگي ميڊيڪل ٽيسٽ برداشت ڪرڻ جي سگھه رکن ٿا.
پنهنجي موجوده حالت ان اسٽيڪر جو پهريون پروٽوٽائيپ تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هڪ ئي وقت مختلف بيمارين جي اثرائتي سڃاڻپ سان گڏوگڏ گھٽ رڍ تي صنعتي پيداوار جي قابل بڻايو ويندو. ان نوعيت جي وڌيڪ تحقيق ۾ ڪجهه سال لڳي سگھن ٿا.
ان ايجاد جا تفصيل ”نيچر بايو ميڊيڪل انجينيئرنگ“ جي هڪ تازي پڌرائيءَ ۾ آن لائين شايع ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔