وڪيلن حملو ڪري سڀني کي رستو ڏيکاريو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان عدالت ۾ پيش ٿيل وڪيلن تي شرمساري جو اظهار، چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته وڪيلن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪري سڀني کي رستو ڏيکاريو آهي، ذميوارن کي مثالي سزا ملندي ته اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه ايندا، قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو، وڪيلن جي حملي دوران مون کي ٽن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو ويو، عدليه کي ڪجهه ماڻهن هٿان يرغمال بڻجڻ نه ڏنو ويندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جا چئمبرز ڊاهڻ خلاف وڪيلن طرفان ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي ۽ چيف جسٽس جي بلاڪ ۾ گهڙي بلاڪ اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔