مٺي ۾ ڏونگر ميگهواڙ ۽ بڀيتا جا لاش ٽنگيل ملڻ وارو معاملو: مقتول پاران سالي سان ريپ جي تصديق

مٺي : ڏونگر ميگهواڙ ۽ سندس سالي بڀيتا جا لاش ٽنگيل لاش ملڻ وارو معاملو: مقتول ڏونگر ميگهواڙ پاران سندس سالي بڀيتا سان ريپ ڪرڻ جي ڊي اين ٽيسٽ ۾ تصديق ٿي وئي، مقتولن ۽ الزام هيٺ آيلن جي ڊي اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيل سيمپلس جي حتمي رپورٽ پڌري ٿي وئي، جنهن ۾ ڏونگر ميگهواڙ جي سندس سالي بڀيتا سان ريپ واري رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي، جڏهن ته هڪ نامعلوم ماڻھو پاران پڻ ناري سان ريپ جي تصديق ٿي آهي، ڪيس ۾ نامزد پوليس اي ايس آءِ گل محمد ساند ۽ هڪ شڪي ڪئلاش ميگهواڙ جي ڊي اين ٽيسٽ اڳ ئي نيگيٽو اچي چڪي آهي، ڏونگر ميگهواڙ ۽ بڀيتا جي لاشن جي ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم اڄ مٺي پهچندي، ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم بڀيتا جي لاش جي مٺي ۽ ڏونگر جي لاش جي ڏيپلو ۾ قبرڪشائي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔