ڪراچي ۾ گجر نالي سوڌو مختلف علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري

ڪراچي : ڪراچي ۾ گجر نالي سوڌو مختلف علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي ، سينٽرل ڊسٽرڪٽ ۾ سڀ کان وڏي نالي جي ڀرپاسي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائيون، عملي ڪيترائي دڪان، گهر ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، آپريشن دوران عملو ڊاهي پٽ ڪيل عمارتن جو سامان کڻڻ سان گڏ چوپايو مال به ڪاهي ويو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته لياري جي گلستان ڪالوني، کارادر، مڇي مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، ائنٽي انڪروچمينٽ سيل کي روزانو آپريشن ڪرڻ جي هدايت.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔