اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، سڄي ملڪ ۾ سينيٽ چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، جنهن حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سينيٽ چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار ڪاغذن جي نامزدگي 12 کان 13 فيبروري تي جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي شروعاتي فهرست 14 فيبرري تي جاري ٿيندي، اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ 15 کان 16 فيبروري تي مڪمل ٿيندي ۽ ڪاغذن جي نامزندگي تي اپيلون 17 کان 18 فيبري تائين داخل ڪرائي سگهبيون، اليڪشن ڪميشن موجب اميدوارن جي حتمي فهرست 21 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي ۽ اميدوار پنهنجا نامزدگي وارا ڪاغذا 22 فيبروري تائين واپس وٺي سگهندا. اليڪشن ڪيمشن موجب چارئين صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ هائوس کي پولنگ اسٽيشن جو درجو حاصل هوندو۽ 48 سيٽن تي چونڊون ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔