ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 57 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  وگهي وڌيڪ 57 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 462 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 83 لک 25 هزار 543 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 502 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 55 هزار 093 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 52 هزار 296، پنجاب ۾ هڪ لک 62 هزار 391، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 972، اسلام آباد ۾ 42 هزار 279، بلوچستان ۾ 18 هزار 898، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 334 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 923 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 30 هزار 225 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 57 مريض فوت ٿي ويا آهن  جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 12 هزار 185 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 502 مريض صحتياب ٿي ويا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 59 هزار 093 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔