سينيٽ چونڊن ۾ پئسن جي آڇ ٿي هئي جنهن کي مون ٺڪرائي ڇڏيو: شوڪت يوسفزئي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ثقافت واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته مون کي به سينيٽ چونڊن ۾ پئسن جي آڇ ٿي هئي پر مون ان کي ٺڪرائي ڇڏيو.

پشاور ۾ خانه فربنگ ايران ۾ ڪوٺايل تقريب جي موقعي تي شوڪت  يوسفزئي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سينيٽ چونڊن جي وڊيو اسڪينڊل جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽  آئنده جي لاءِ سينيٽ چونڊن ۾ ڪرپشن جو باب بند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جي چونڊن جو اهو مطلب ناهي ته صرف پئسي وارا ماڻهو چونڊجي اچن.

سينيٽ جي چوندن ۾ تحريڪ انصاف سٺن ماڻهن کي سامهون آڻيندي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته مون کي به سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسن جي آڇ ڪئي وئي هئي، سينيٽ چونڊن جي وڊيو اسڪينڊل جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي جنهن پئسا ڏنا ان جي خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن پنهنجي خلاف نيب جي جاچ کي ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته نيب پاران ڪيل جاچ ۾ پيش ٿي سمورن سوالن جا جواب ڏيندس. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔