پ پ ۽ جي يو آءِ بعد ن ليگ پاران به سينيٽ چونڊن بابت آرڊيننس چيلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ کانپوءِ مسلم ليگ نُون به سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ وارو صدارتي آرڊيننس چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ،ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جو هڪ دوست نااهل ٿيڻ وارو آهي،عمران نيازي پنهنجن پيارن کي سينيٽ ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن جي طريقئڪار ۾ تبديلي ڪرڻ گهري ٿو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ جي اڳواڻ احسن اڳواڻ چيو ته حڪومت ، سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان عوام کي ڌوڪو ڏئي رهي آهي،ريفرنس عدالت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي، اميد آهي ته عدالت صدارتي ريفرنس کي واپس ڪري ڇڏيندي.احسن اقبال چيو ته حڪومت ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت اسان جي خلاف ڪيسز ۾ ڪجهه به ثابت ڪري نه سگهي آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان پنهنجي پارٽي ۾ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ جون چونڊون ڪرائڻ گهري ٿو.حڪومت جي ان پوري پئڪيج جو واسطو نه شفافيت سان آهي، نه ئي سياسي سڌارن سان ،هن پئڪيج جو واسطو رڳو فرينڊز آف عمران خان کي اين آر او ڏيڻ لاءِ آهي.هن چيو ته نوازشريف ۽ شهباز شريف جيڪي واعدا ڪيا، اهي سمورا پورا ڪيا،عمران نيازي علمائن جي سامهون به ڪوڙا الزام هنيا.هاڻ عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هڪ طرف ڪوڙي ته ٻئي پاسي سچي قيادت آهي، عمران نيازي پنهنجن مفادن خاطر پنهنجون پاليسيون تبديل ڪري رهيو آهي،واعدو ڪيو ويو ته اٽو، کنڊ سستي ڪنداسين، پر جن وٽ روزگار هو،انهن کان اهو به کسجي ويوهڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ پنج لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، پر هڪ به پورو نه ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔