سرڪاري ملازم جعلي حڪومت جي دوکي ۾ نه اچن: شازيه مري

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ شازيامري چيو آهي ته سرڪاري ملازم جعلي حڪومت جي ڌوکي ۾ نه اچن،پي ڊي ايم جي ڊپ کان سليڪٽيڊ حڪومت سرڪاري ملازمن کي ڌوکو ڏئي رهي آهي،سليڪٽيڊ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته پگهار وڌائڻ واري واعدي کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جيان سمجهو وڃي.هن چيو ته گذريل سمورن ڪوڙن اعلانن جيان هي به ساڳي نوعيت جو ڪوڙو اعلان ثابت ٿيندو.پ پ اڳواڻ چيو ته هينئر تائين رڳو سنڌ حڪومت ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو آهي.شازيا مري چيو ته ڪوڙن جي سرڪار وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، پ پ اقتدار ۾ اچي ڪري سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ماضي جيان اضافو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔