حڪمرانن اسرائيل سميت ٻين پرڏيهي ملڪن کان فنڊ ورتا: مريم اورنگزيب

لاهور: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪمرانن اسرائيل سميت ٻين پرڏيهي ملڪن کان فنڊ ورتا،سسلين مافيا اها هوندي آهي، جيڪا اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وصول ڪري، هي ساڳي مافيا آهي، جيڪا اٽو ۽ کنڊ چوري ڪري ٿي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سوال پڇڻ ته شهباز شريف جيل هليو وڃي ٿو ۽ چيو ٿو وڃي ته اين آر او نه ڏينداسين.مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان تي مافيا مڙهيل آهي،سيف الله نيازي سينيٽ جي سيٽ پٺيان ڊوڙي رهيو آهي.هن چيو ته حڪومت ۾ نوڪريون به رڳو فرينڊز آف بني گالا کي ملن ٿيون.مريم اورنگزيب سوال ڪيو ته اهو ڪير آهي جيڪو هنڊي جي ذريعي فارين فنڊنگ گهرائي پنهنجي پارٽي کي هلائي ٿو؟ حڪمرانن پنهنجن مخالفن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته موجودهه حڪمرانن کي مڙهڻ کانپوءِ معيشت گدلي ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔