پيپلز پارٽي پاران سينيٽ اليڪشن بابت صدارتي ريفرنس ۾ ڌر بڻجڻ جو اعلان

اسلام آباد: پيپلز پارٽي سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪرڻ کانپوءِ ريفرنس ۾ ڌر بنجڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو.پيپلز پارٽي جو ريفرنس ۽ آرڊيننس جي خلاف اهم فيصلو سامهون اچي ويو،پ پ صدارتي ريفرنس کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ذريعن مطابق پ پ چيئرمين جو پارٽي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري کي فون ڪري رابطو ڪيو.بلاول صدارتي ريفرنس ۽ آرڊيننس جي معاملي تي صلاح مشورو ڪيو.نيئر بخاري ٻڌايو ته پ پ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس بابت ڪيس ۾ به ڌر بڻجندي.هن چيو ته پ پ اوپن بيلٽ بابت آرڊيننس کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي، اوپن بيلٽ بابت آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي،آرڊيننس جي خلاف هر قانوني ۽ آئيني اختيار استعمال ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔