اڄوڪي جلسي ڪٺ پتلي حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو: ناصر شاهه

حيدرآباد: اطلاعات واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ سان حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، جلد جعلي حڪومت مان جند آجي ٿي ويندي.حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اڄوڪي جلسي ڪٺ پتلي حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.هـُن چيو ته عمران خان ٻين کي ڪرپٽ چوندو هو پر ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ واضح ڪيو ته موجوده حڪومت ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي.ناصر شاهه چيو ته موجوده حڪومت ۾ پورهيت سميت هر قسم جو طبقو پريشان آهي، جلد هن حڪومت مان جند آجي ڪرائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔